کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين: اسحاق ڊار

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته کنڊ جي قيمت ۾ اضافي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم کنڊ جي قيمتن جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪئي هئي. هن چيو ته  رانا تنوير حسين جي سربراهي ۾ کنڊ جي قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ شوگرملز مالڪن جي خدشن جو جائزو به ورتو ويندو. اسحاق ڊار چيو ته اجلاس ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو ويو. هڪ مهيني تائين کنڊ جي قيمت ايڪس مل ريٽ 159 روپيه هوندي ۽ يقيني بنايو ويندو ته کنڊ جي في ڪلو ريٽيل قيمت 164 روپين کان وڌيڪ نه هجي. هن چيو ته گذريل ڏينهن جي اجلاس ۾ خيال هو ته کنڊ جون قيمتون  برقرار رهنديون، پر گذريل ڏينهن کنڊ جي قيمت ۾ ٻيهر اضافو ٿيو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.