کپرو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ خدا بخش درس ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊ خالقڏنو درس قتل ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب خدا بخش درس پنهنجي زمين تي ويٺل هيو ته نامعلوم هٿياربندن سندس گارڊ کي قتل ڪري مٿس سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. خدا بخش 2013 ۾ ايم ايم اين اي جي سيٽ تي فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙهيو هيو جنهن سامهون بيٺل پ پ اميدوار کان شڪست کاڌي هئي خدا بخش درس جي قتل جي خبر باهه جيان پکڙجي وئي. حر جماعت جا سوين ماڻهو اسپتال پهتا، هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل فنڪشنل ليگ اڳواڻ خدا بخش درس 2 ڀيرا به ناظم به رهي چڪو هو. اهڙي واقعي جي خبر باهه جيان پکڙجي وئي، حر جماعت جا سوين ماڻهون اسپتال پهتا، هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل فنڪشنل ليگ اڳواڻ خدا بخش درس ٻه ڀيرا ناظم به رهي چڪو هو. واقعي بعد پوليس ۽ حر جماعت جي ماڻهن پهچي ٻنهي ڄڻن جا مڙهه کپرو اسپتال پهچايا ، ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي.