سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئنالن جي خلاف احتجاج جي تعريف ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم کي نتيجن جي خبر آهي اهو انصاف سان ڪم وٺي، ڪئنالن جي مسئلي تي ڳالهيون اسان جي هٿن مان نڪتيون ته هر قسم جو سڏ ڏينداسين، وفاقي حڪومت کي خبر آهي ته معاملا صحيح نه هلي رهيا آهن. nڪراچي ۾ ڪارڊينل هائوس پهچي ڪارڊينل سان پوپ جان فرانسس جي لاڏاڻي تي تعزيت کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جولاءِ کان پوءِ چولستان ڪينالن تي ڪوبه ڪم ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت اهم قدم کنيا، پيپلز پارٽي هر سطح تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مراد علي شاهه چيو ته وڪيلن جو احترام آهي، انهن جو جمهوريت جي بحالي لاءِ اهم ڪردار رهيو آهي، سنڌ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي چوان ٿو ته ڪئنالن جي معاملي تي احتجاج ضرور ڪريو پر روڊ بند نه ڪيا وڃن ته جيئن اسان جي پنهنجن ئي ماڻهن کي تڪليف نه ٿئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان احتجاج کان تنگ نه آهيون پر اوهان پاڻ سوچو ته ڇا اهو مناسب آهي ته اسان پنهنجن ئي ماڻهن کي پريشان ڪريون، اسان چاهيون ٿا ته ڪينالن جي معاملي تي اسان سڀ گڏ رهون، احتجاج روڊ جي هڪ سائيڊ تي بيهي به رڪارڊ ڪرائي سگهجي ٿو. اسان ڪينالن جي خلاف احتجاج تي ڪوبه قدم نه کنيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪئنالن جي تعمير واري معاملي تي سڀني کان پهريان پيپلز پارٽي احتجاج ڪيو، انهي کان پوءِ قومپرست ۽ ٻيون سياسي پارٽيون ميدان ۾ لٿيون.اسان گڏيل مفادن واري ڪونسل(سي سي آءِ) ۽ اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) ۾ معاملو اٿاريو. هن چيو ته اسان کي زراعت ۾ جدت آڻڻي پوندي، پاڻي کي احتياط سان استعمال ڪري ڪپهه، ڪڻڪ سميت ٻين اهم فصلن کي پوکي لائق بنائڻو پوندو. ٻين ملڪن پنهنجي فصلن جي پوکي وڌائي آهي. هن چيو ته هن ڀيري پنجاب حڪومت به ڪڻڪ خريد ناهي ڪئي اتان جا آبادگار به پريشان آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، اڃان تائين وفاقي حڪومت ڪينالن جو منصوبو واپس ناهي ورتو انشاءَالله جلد اهي هن منصوبي کي به واپس وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته اسان تعليمي بورڊ جي سربراهه لاءِ ميرٽ تي اعليٰ پوسٽ تان رٽائرڊ آفيسر کي چونڊ ڪيو، پر بدقسمتي سان انهي آفيسر عهدي جو چارج نه ورتو.