ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به سون مهانگو

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ واڌ ٿي وئي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 99 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 428 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 70 هزار 782 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 20 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1886 ڊالر في اونس آهي.