ڪامران ٽيسوري جو تجويز: 14 آگسٽ تي مفت اجرڪ نمبر پليٽون

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جشنِ آزادي جي موقعي تي شهرين کي مفت اجرڪ ڊيزائن واريون نمبر پليٽون ڏئي ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته هو ۽ گورنر هائوس هر وقت شاگردن جي مدد لاءِ تيار آهن. هن زور ڏنو ته نئين نسل کي مايوسي جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ڇو⁠ته جيڪڏهن اميد ختم ٿي وئي ته نوجوان ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي پوندا هن صوبائي حڪومت کي اپيل ڪئي ته 14 آگسٽ تي اجرڪ نمبر پليٽن جو اعلان ڪيو وڃي، ڇو⁠ته اجرڪ سنڌ جي ثقافت آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ تڪراري نه بڻايو وڃي تقريب کان پوءِ ڪامران ٽيسوري متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ فاروق ستار سان گڏ موٽرسائيڪل ريلي ۾ به شامل ٿيو. ريلي دوران گورنر پاڻ موٽرسائيڪل هلائي ۽ فاروق ستار قومي جهنڊو ڦڙڪايو، جنهن سان شرڪت ڪندڙن جو جوش ڏسڻ جهڙو هو.