ٺڪراٺو ۾ رئيس امام بخش مھتم وٽ پھچي ڪارڪنن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ان موقعي تي پ پ اميدوار ڄام اڪرام الله ڌاريجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 2013ع کانپو۽ وفاق گئس تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي گئس سنڌ مان پيدا ٿئي پئي پر بدقسمتي سان وفاق سنڌ کي نظرانداز ڪندي رھي آھي ھاڻ جيئن ئي پ پ جي حڪومت ٺھندي ته رھيل ڳوٺن تائين گئس ڏني ويندي پ پ اميدوار چيو آھي ته ٺڪراٺو مبارڪپور ۾ پيور بلاڪ جا ڪم ڪرايا آھن روڊ رستا ٺھن پيا پاڪستان پيپلزپارٽي سڀني کي گڏ کڻي ھلندي آھي جيڪي ڪم رھجي ويا آھن اُھي جلد ڪرايا ويندا ھن چيو آھي ته نگران سيٽ اپ کي ياداشت ڪرايو آھي ته ڀاڻ ۾ مافيا ملوث آھي سڀني سان ڳالھايو آھي اسان ڀاڻ جي کوٽ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا تعليم ۾ ڪوتاھيون ٿيون آھن سنڌ حڪومت اسڪول بند ڪيا آھن اسانجي ڪوشش آھي ته اسڪولن کي بند ڪرڻ بدران نوان استاد کنيا وڃن ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو آھي ته 8 فيبروري تي پ پ ڪامياب ٿيندي ان موقعي تي پ پ اميدوار ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان گڏ معزز شخصيت حاجي احمد زمان خان مھتم عزيز رحمان خان مھتم شير محمد خان مھر ۽ ٻيا گڏ ھئا.