ڪراچي: تفريح لاءِ ويندڙ ڪوسٽر تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار، عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت

ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ڀرسان تيز رفتاري سبب تفريح لاءِ ويندڙ ڪوسٽر اونڌي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب ڪوسٽر اونڌي ٿيڻ جو واقعو ماڙي پور ٽرڪ اڏي ڀرسان پيش آيو، حادثي ۾ 4 ٻار ۽ ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا پوليس موجب بس کي حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو تفريح لاءِ وڃي رهيا هئا. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوت ٿي ويلن ۾ 3 عورتون ۽ 4 ٻار به شامل آهن جن جي سڃاڻپ 10 ورهين جي ڪنزه ڌيءَ احمد، 14 ورهين جو قدير ولد عبدالجبار، 4 ورهين جي زينت ڌيءَ حيات، 6 ورهين جي سڪينه ڌيءَ منظور عالم، 40 ورهين جي صغريٰ زال غلام علي، 45 ورهين جي سعديه زال احمد شامل آهن.