ڪراچي: سائيٽ ايريا هارون آباد ۾ فائرنگ، 2 ڀائر مارجي ويا، 3 زخمي

 ڪراچي جي سائيٽ ايريا واري علائقي هارون آباد ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب 2 ڀائر مارجي ويا جڏهن ته 3 ڀائر زخمي ٿي پيا. پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب مارجي ويل ڀائرن جي سڃاڻپ سميع الله ۽ اسدالله جي نالن سان ٿي آهي. جڏهن ته زخمين ۾ اڪرام الله، شفيع لله ۽ امير عبدالله شامل آهن. اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته زخمين مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. زخمي شفيع الله جي بيان موجب چار کان پنج هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي اسان ڀائرن کي نشانو بنايو، هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن گهر مان ڪابه شيءَ ڦر نه ڪئي. شفيع الله پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته اسان جو اباڻو تعلق گمبٽ سان آهي ۽ اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه هئي اسان پنج ئي ڀائر سرڪاري ملازم آهيون، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين جي بيانن ۾ تضاد آهي شروعاتي طور تي اهو خيال ڪيو پئي ويو ته اهو واقعو ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙي جو نتيجو آهي پر بعد ۾ ٻڌايو ويو ته اهو حملو  ٻاهرين ماڻهن ڪيو آهي، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.