تفصيل موجب سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي قاعدن ۽ ضابطن مطابق ڀرتي جو عمل شروع ڪن حڪومت جو چوڻ آهي ته مقصد هڪ شفاف، ڊجيٽل ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتي نظام قائم ڪرڻ آهي۔اميدوار www.sjp.gos.pk ذريعي پروفائل ٺاهي، دستاويز اپلوڊ ڪري ۽ آن لائن درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا۔ياد رهي ته 28 آڪٽوبر تي وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سندھ جاب پورٹل (SJP) جو افتتاح ڪيو، جنهن سان سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبي بڻجي ويو جنهن سرڪاري نوڪرين لاءِ مرڪزي آن لائن پليٽفارم متعارف ڪرايو۔هي پورٹل سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي گڏيل تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي، جتي اميدوار رجسٽريشن، دستاويز اپلوڊ ۽ درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا۔افتتاحي تقريب ۾ وزيراعليٰ چيو ته هي قدم شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي وژن مطابق آهي، جنهن جو مقصد برابري جا موقعا ۽ شفاف ڀرتي کي يقيني بڻائڻ آهي۔هن ٻڌايو ته گريڊ 1 کان 5 تائين ڀرتيون پندرهن ڏينهن اندر شروع ٿينديون، جڏهن ته وڏي گريڊ وارين ڀرتين جو عمل به ڊجيٽل سسٽم ذريعي جلد شروع ڪيو ويندو۔وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته پورٹل ۾ آن لائن ٽيسٽشيڊولنگ، فوري نتيجا اپڊيٽ ڪرڻ ۽ خزاني جي کاتي سان ڳنڍيل نظام شامل آهي، ته جيئن ڀرتي جي عمل ۾ ڪا به دير نه ٿئي۔