گورنمنٽ وومين ڪاليج ناظم آباد جي شاگردياڻين کان فيس جي مد ۾ لکين روپين جو فراڊ ڪندڙ جوابدار زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي. جاچ اختيارين طرفان ٻڌايو ويو آهي ته فراڊ ۾ ملوث جوابدار زهر پي ورتو آهي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عوامي شهيد اسپتال آندو ويو هو، جنهن جي حالت هاڻ خطري کان ٻڌائي پئي وڃي کيس سڀاڻي تائين اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو. جاچ اختيارين موجب ڪاليج جي پرنسپل جي طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن تي ڪارروائي ڪندي پوليس جوابدار تائين پهتي. جاچ اختيارين موجب جوابدار جوهر آباد ۾ رهائشي عمارت جي چوٿين منزل تي رهندو آهي. پوليس جڏهن جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي ته جوابدار ڪوئا مارڻ جي دوا پي ورتي. جاچ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ پوليس به مقرر ڪئي وئي آهي، جوابدار جي اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ بيان به ورتو ويندو.