ڪراچي ۾ تعليمي ادارا اڄ کوليا ويندا يا نه؟ تعليم کاتي سنڌ ٻڌائي ڇڏيو

سنڌ جي تعليم کاتي تصديق ڪئي آهي ته سياري جي موڪلن کانپوءِ ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ اڄ تعليمي ادارا کوليا ويا آهن. تعليم کاتي موجب سرڪاري ۽ خانگي اسڪول معمول مطابق پنهنجي وقت تي شروع ٿي ويا آهن.

تعليم کاتي سنڌ 21 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين سياري جون موڪلون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن دوران سڀئي تعليمي ادارا بند رهيا. موڪلن کانپوءِ اڄ پهرين جنوري تي اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويو آهي.

ٻئي طرف، شاگردن جي اسڪول ڏانهن واپسي سان گڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽريفڪ جي رش نظر آئي. والدين به پنهنجي ٻارن جي پڙهائي کي ٻيهر شروع ٿيندي ڏسي مطمئن نظر آيا. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ اڄ پهرين ڏينهن معمول جا سبق پڙهايا ويا، جڏهن ته ڪجهه اسڪولن ۾ نئين سال جي شروعات لاءِ خاص تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون.

تعليم کاتي سنڌ والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجن ٻارن جي پڙهائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسڪول جي سرگرمين ۾ ڀرپور تعاون ڪن ۽ نئين سال کي وڌيڪ سکيائي وارو بڻائين.