ذريعن مطابق، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 26.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ گرمي پد وڌ کان وڌ 27 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
محڪمه موسميات موجب، اتر اوڀر کان هلڪي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 58 سيڪڙو آهي.
فضائي معيار:
ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب ڪراچي جي هوا مضر قرار ڏني وئي آهي، ۽ آلودگي جو تناسب 199 پارٽيڪيوليٽ ميٽرز رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
ملڪ جا مٿانهين علائقا:
مٿانهين علائقن ۾ سخت سردي جاري آهي، جڏهن ته اسڪردو ۾ گرمي پد منفي 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
اڄ به چترال، دير، سوات، ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان ۾ هليڪي برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، جيڪو سياحن لاءِ دلڪش منظر پيش ڪندو.
ملڪ جي باقي علائقن ۾ موسم:
ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، اسلام آباد، ۽ پشاور سميت ملڪ جي گهڻن ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ صبح ڌنڌ ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ڊرائيورن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سال نو ۽ ٽرئفڪ پلان:
سال نو جي حوالي سان ڪراچي جي شهرين لاءِ ٽرئفڪ پلان جلد سامهون آڻڻ جا امڪان آهن، ته جيئن عوام کي سفري سهولتون مهيا ڪري سگهجن.