ڪراچي ۾ تاريخ جي گرم ترين رات: بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب شهري سراپا احتجاج، پوليس جي لٺبازي

 ڪراچي ۾ تاريخ جي گرم ترين رات دوران گارڊن شو مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي بند هجڻ تي رهواسين نشتر روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪي اليڪٽرڪ ۽ حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڊسٽرڪٽ سٽي پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ لٺبازي ڪري ڏني، پوليس جي لٺبازي دوران ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي. مڇريل مظاهرين پٿراءُ ڪري نجي بينڪ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل هڪ مهيني کان شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري بجلي پاڻي جي احتجاج دوران پهريون ڀيرو پوليس آفيسرن جي حڪم تي مظاهرين تي طاقت جو استعمال ڪيو ويو آهي اولڊ سٽي ايريا جي علائقي گارڊن شو مارڪيٽ، عثمان آباد، گزدر آباد ۽ گارڊن پوليس لائين ۾ بجلي جي ستايل رهواسين آچر ۽ سومر جي رات تقريبن هڪ وڳي گهرن مان نڪري نشتر روڊ تي پهچي ويا ۽ احتجاج ڪندي روڊ ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو. ان دوران مڇريل نوجوانن پراڻا ٽائر فروٽ جون پيٽيون ۽ ٻيو ڪچرو روڊ تي رکي باهه ڏئي ڇڏي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي اطلاع تي گارڊ، عيد گاهه ۽ نبي بخش ٿاڻي جي پوليس موقعي تي پهچي وئي. مطاهرين نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سڄي ڏينهن ۾ گڏيل طور تي 10 ڪلاڪ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي باوجود سڄي رات بجلي غائب رهندي آهي، بجلي نه هجڻ سب ڪوئٽه اسڪوائر، عثمان آباد، گزدر آباد سميت  ڀرپاسي جي علائقن جي عمارتن جي رهائشين صحافين سان ڳالهين دوران ٻڌايو ته ننڍا ننڍا فليٽ هجڻ سبب بجلي نه هجڻ تي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هڪ 2 ڪلاڪ ته ڪنهن نه ڪنهن طرح برداشت ڪري وٺندا آهيون پر لاڳيتو 6 ڪلاڪن تائين بجلي نه هجي ته ٻار دانهون ڪندا آهن رهواسين ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ هيلپ لائين تي ڪيترائي  ڀيرا شڪايتون داخل ڪرايون پر ڪنهن به قسم جو جواب نه مليو ۽ نه ئي بجلي بحال ڪئي وئي جنهن تي اسان گهرن ۾ ٻارن جون رڙيون، دانهون ٻڌي روڊ تي نڪتا آهيون، حالانڪه اسان کي صبح جو 7 وڳي پنهنجن ڪمن تي وڃڻو پوندو آهي رهواسين ٻڌايو ته ٻن ڪمرن جي فليٽ جو بجلي جو بل 6 کان 9 هزار روپيه اماڻيو پيو وڃي. حالانڪه 24 ڪلاڪن مان گڏيل طور تي 16 ڪلاڪ بجلي جي فراهمي معطل رهندي آهي. مجبور ٿي ميڊيا تي احتجاج، روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙيا، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ حڪومت جي خلاف نعريبازي جي خبر نشر ٿيڻ جي ڪجهه ئي دير بعد مظاهرين جي حوصله افزائي ڪندڙ پوليس انهن جي مٿان ئي لٺبازي شروع ڪري ڇڏي پوليس احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ سٽي جي مختلف ٿاڻن ۾ منتقل ڪيو، رات هڪ وڳي کان شروع ٿيندڙ احتجاج جو سلسلو صبح چار وڳي تائين جاري رهيو. ياد رهي ته ڪراچي ۾ جڏهن کان گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي شهر جي مختلف علائقن مان بجلي جي فراهمي به معطلي جو شڪار آهي. شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي نه هجڻ جي خلاف احتجاج ڪيا پيا وڃن.