ڪراچي ۾ اڄ صبح کان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي موسميات کاتي اڄ ملڪ جي مختلف شهرن لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئٽه سميت ٻين شهرن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته برسات جو سبب بنجندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ بلوچستان طرف وڌي رهيو آهي، اڄ ڪراچي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح جو سوير کان پوندڙ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. موسميات کاتي اڄ به ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئٽه سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو پڻ امڪان آهي. ٻئي طرف ضلعي استور ۾ ٻوڏ سبب ڪيترن ئي گهرن، فصلن ۽ باغن کي نقصان پهتو جڏهن ته درياءَ چترال ۾ گليشيئر پگهلڻ سبب ٻوڏ جو امڪان آهي جنهن تي انتظاميه متاثرين لاءِ ٽينٽ سٽي ٺاهي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه دادو جي تعلقي جوهي ۾ گاج ندي ۾ پاڻي جي سطح 10 فٽ ٿي وئي آهي ۽ خيرپور ۾ نصير فقير جلالاڻي ڀرسان پاڻي جي وهڪرن جي دٻاءُ سبب حفاظتي بند ٽٽي ويو جنهن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.