ڪراچي ۾ مرغين جي واپاري الله يار جي قتل واري معاملي ۾ پوليس ڪجهه تفصيلون سامهون آنديون آهن. پوليس ٻڌايو آهي ته مقتول 38 ساله الله يار، جيڪو مرغين جو واپاري هو، رقم وٺڻ لاءِ علائقي ۾ آيو هو.
پوليس موجب، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته واقعي وقت الله يار سان سندس سيڪيورٽي گارڊ به موجود هو، جيڪو محفوظ رهيو ۽ سندس هٿيار به محفوظ آهن.
چار اڻڄاتل هٿياربندن الله يار جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن مقتول کان گاڏي ۾ موجود نقد رقم به نه ڇني.
پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته گذريل مهيني آڪٽوبر ۾ به ڪراچي جي علائقي نارتھ ناظم آباد ۾ آٽو پارٽس سان وابسته تاجر آصف کي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. ان وقت آصف زخمي حالت ۾ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پاڻ گاڏي هلائي مدد لاءِ سڏ ڪيو هو، پر جان نه بچي سگهي.