ڪراچي : جي علائقي سهراب ڳوٺ انڊس پلازه ويجهو نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.تفصيل موجب هيڊ ڪانسٽيبل رحمت الله ۽ عبدالحڪيم ڦورن جي موجودگي جي اطلاع تي سهراب ڳوٺ انڊس پلازه ويجهو پهتا ته ڦورن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ٻئي اهلڪار موقعي تي شهيد ٿي ويا.اختيارين موجب ڦورن 2 هٿيارن سان پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ واردات کان پوءِ پستول ڇڏي فرار ٿي ويا. واقعي جي جيو فينسنگ شروع ڪئي وئي آهي.پوليس موجب واقعي واري هنڌان 4 خون نائن ايم ايم ۽ چار خول 30 بور پستول جا مليا آهن جڏهن ته جوابدار پنهنجو هڪ نائن ايم ايم پستول ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب مختلف رخن کان واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.پوليس اهلڪارن جي شهادت جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر موجب پوليس اهلڪار شعلي گينگ جي موجودگي جي اطلاع تي پهتا هئا ته جوابدارن ان کي نشانو بنايو.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.