ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، پيءُ مارجي ويو، پٽ زخمي

ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ سبب پيءُ مارجي ويو جڏهن ته پٽ سخت زخمي ٿي پيو. واقعو ڪورنگي ۾ ايل پي جي گيس جي دوڪان ۾ ڦر دوران پيش آيو، مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ظفر اقبال ۽ زخمي جي وهاب جي نالي سان ٿي. شروعاتي ڄاڻ موجب موٽر سائيڪل سوار 2 جوابدارن واردات جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڦورن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ مارجي ويو، پٽ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب زخمي شهري به ڦورن کان پستول ڦري انهن جي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوابدار زخمي ٿي پيا پر اهي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب زخمي جوابدار جڏهن جناح اسپتال پهتا ته اتي زخمي شهري کين سڃاڻپ ڪري ورتو جنهن کان پوءِ جوابدارن کي اسپتال ۾ موجود پوليس گرفتار ڪري ورتو.