ڪراڇي ايئرپورٽ تي انساني اسمگلنگ جو وڏو منصوبو ناڪام، ڀارتي ايجنٽ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف

 ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي انساني اسمگلنگ جو وڏو منصوبو ناڪام بنائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڀارتي ايجنٽ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تان غيرقانوني طريقي سان يورپ وڃڻ جي سازش بي نقاب ڪئي وئي، ايجنٽ سميت 4 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن ۾ حسيب احمد، قيصر احمد، عثمان علي ۽ ايجنٽ عبدالشڪور شامل آهن. جوابدارن جو تعلق فيصل آباد، چنيوٽ، گوجرانوالا ۽ ننڪانه صاحب جي مختلف علائقن سان آهي. انساني اسمگلر عبدالشڪور ٻين جوابدارن کي پولينڊ اماڻڻ جي نالي تي 14 لک روپيه في ماڻهو جو معاهدو ڪيو. جوابدارن ايجنٽ کي 2 لک 50 هزار في ماڻهو ايڊوانس طور تي به ڏنا. جوابدارن  کي غيرقانوني طريقي سان آذربائيجان کان پولينڊ وڃڻو هو. شروعاتي جاچ موجب انساني اسمگلرز عبدالشڪور جي موبائل مان اهم شاهديون هٿ آيون آهن، جوابدار عبدالشڪور انڊين ايجنٽ سان رابطي ۾ هو. ايف آءِ اي موجب آذربائيجان ۾ رهندڙ گوتم شرما نالي ڀارتي ايجنٽ جوابدارن کي آذربائيجان کان غيرقانوني طريقي سان پولينڊ اماڻڻو هو. جوابدارن کي وڌيڪ جاچ جي لاءِ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.