خبر موجب : ڪرمپور لڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتو, ٽلو پهوڙ واسي بيوه عورت مسمات نازل خاتون شيخ قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي پنهنجي ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجي مڙس علي حسن شيخ کي فوت ٿئي 13 سال ٿي ويا آهن, مان پنهنجي ٻچڙن سان زندگي گذارڻ چاهيان ٿي پر منهنجا ڀائر گلشير شيخ جيڪو ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ ٻيو ڀاءُ غلام شبير شيخ جيڪو شڪارپور ۾ رهائش پذير آهي, ڀائر مونکي وڪڻي زوري منهنجي ٻئي شادي ڪرائڻ چاهين ٿا, منهنجي ڌيء مسمات حضوران جيڪا منهنجي ڀائيٽي امداد شيخ سان شادي ڪيل هئي, منهنجي ڌيء تي تشدد ڪري ان کي گهران نيڪالي ڏني وئي, منهنجي ڌيء ملير واري علائقي ۾ ٿاڻي تي پناه وٺي جان بچائي, هاڻي منهنجي ڌيء مون سان ۽ پنهنجي ڀائرن سان رهڻ چاهي ٿي, بيوه عورت مسمات نازل خاتون پنهنجي ڌيء ۽ پٽن سميت احتجاج ڪندي چيو ته منهنجا ڀائر گلشير شيخ, شبير شيخ ۽ ان جا پٽ بااثر آهن, جيڪي مون تي ڏير سان ۽ منهنجي ڌيء کي چاچي سان ناحق ڪارنهن جو الزام لڳائن ٿا, بيوه عورت آخر ۾ چيو ته مون کي ۽ منهنجي ٻارڙن کي منهنجي ڀائرن مان جان جو خطرو آهي, آء, جي, سنڌ, ڊي, آء جي لاڙڪاڻو, ايس, ايس, پي شڪارپور ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڏيارين