ڪرمپور ملڪ جي ٻين شهرن جيان ڪرمپور بجاراڻي ۾ به جاويد ٽيوشن سينٽر طرفان استاد جاويد عثمان بجاراڻي جي زير نگراني ۾ پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو, سلمان جاويد بجاراڻي سعادت حاصل ڪئي, استاد جاويد عثمان بجاراڻي تقريب جي آغاز ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي (16) ڊسمبر 2014 سانحو بيان ڪيو, هن چيو ته (10) سال گذرڻ باوجود اي, پي, ايس سانحي جا زخم اڃان تائين تازه آهن, هن چيو ته دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملو ڪري ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪيون, ڀينرن کان ڀائر کسيا ويا, اداري جي استادن کي معصوم شاگردن جي سامهون زنده ساڙيو ۽ ماريو ويو, هن چيو ته گلن جي شهر پشاور ۾ رت جي راند کيڏي وئي, جنهن جي تاريخ نه ٿي ملي, يا الله پاڪ اهڙو ڊسمبر وري ڪڏهن نه اچي, ٻئي طرف سينٽر جي شاگردن سلمان جاويد بجاراڻي, بابر شريف چاچڙ, مزمل ميانداد بجاراڻي, ڪريم بخش ملڪ ۽ وسيم جاويد بجاراڻي اي, پي, ايس سانحي تي خصوصي تقريرون پيش ڪري پشاور سانحي جُونۡ حقيقتون تقرير جي صورت ۾ بيان ڪيون, استاد ميانداد بجاراڻي خصوصي طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي, آخر ۾ اي, پي, ايس سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي