ڪرم ايجنسي ۾ خراب ٿيل صورتحال سبب ڪراچي ۾ مذهبي پارٽين شهر جي 6 مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيو آهي. مذهبي پارٽين طرفان يونيورسٽي روڊ، نمائش چورنگي، ملير ڪالابورڊ، نارٿ ناظم آباد، فائيو اسٽار چورنگي تي ڌرڻو هنيو ويو آهي. قائدآباد پل ۽ ابوالحسن اصفهاني روڊ تي به ڌرڻو هنيو ويو. شهر جي مختلف هنڌن تي ڌرڻن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. نيشنل هاءِ وي، قائدآباد پل، شاهراهه فيصل، ايئرپورٽ، ملير ۽ ڊرگ روڊ تي به ٽريفڪ جام رهي، ڪيترن ئي روڊن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ٽريفڪ پوليس موجب شهري ٽريفڪ جام کان بچڻ لاءِ متبادل رستو اختيار ڪن. ٽريفڪ پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته شهر جي ڪجهه روڊن تي اڃان تائين ٽريفڪ جو دٻاءُ آهي، اسٽيڊيم روڊ، آغا خان، سوئم روڊ، يونيورسٽي روڊ ۽ صدر کان ٽريفڪ جي رواني بحالي ڪئي وئي آهي.