ڪرچي ۾ 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي 2 ڏينهن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ 31 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئين سال جي موقعي تي شهر ۾ هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.  ياد رهي ته هر سال نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي کان پوءِ ٿيندڙ واقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ فوت ٿي ويندا آهن. گهرو وزارت طرفان  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شهري پنهنجي جان جو خيال رکن، ڪنهن  کي به هٿيار کڻندي ڏٺو ويو ته انهي جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.