انڊس هاءِ وي تي ڪرڪ جي علائقي امبيري ڪلمه چوڪ تي ٽرالر ۽ مسافر ڪوچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت جڏهن ته 16 زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور حادثي ۾ عورتن، ٻارن سميت 10 مسافرن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي لاءِ دعا ڪئي، هن حادثي ۾ زخمي مسافرن کي سموريون طبي سهولتون ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي.