ڪشمور اغواٿيڻ جو سلسلو نه گھٽيو وڌيڪ ٽي ڀائر اغوا ٿي ويا ڪشمور پوليس خاموش بڻيل اسان جي نوجوانن جو پيرو گيھلپور طرف وڃي پيو وارث ء پوليس پويان ويل مغوين جو انگ وڌي 15ٿي ويو

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي م بدامني اغوا ڦرلٽ جو سلسلو نه گھٽيو وڌيڪ ٽي ڄڻا اغوا ٿي ويا بخشاپور لڳ مياڻي ٿاڻي جي حد سانگي وٽ دڪان کان واپسي تي گهر ايندڙ ٽي ڀائرن امجد علي ڀيو سجاد علي ڀيو ء اشفاق احمد ڀيو کي ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا اھڙو اطلاع حد جي پوليس ء وارثن کي پڻ ڏنو ويو پر پوليس ء وارث پويان ويل آهن ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي مغوي جي وارث حاجي احمد ڀيو ٻڌايو ته بڊاڻي شھر م بوسي جي دڪان ھلائڻ بعد بند ڪري واپس گهر اچي رھيا ھئا ته رستي م ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ويا آهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور روحيل احمد کوسو ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڪشمور پوليس پويان ويل آهي جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو مغوين جي اغوا جي ڪڙڪ پوڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي ياد رهي ته ڪشمور ضلعي م مغوين جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي پر ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي شھري توڙي ٻھراڙي وارا خوف م ورتل آهن