ڪشمور جو وڃايل امن امان ھر صورت ۾ بحال ڪبو۔ ضلعي جي ماڻھن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃايل رونقون بحال ڪبيون۔

ڪنڌڪوٽ :ضلعي ڪشمور جو وڃايل امن امان ھر صورت ۾ بحال ڪبو۔ ضلعي جي ماڻھن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃايل رونقون بحال ڪبيون۔ سنڌ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ فورسز کي گڏجي ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کي نڙي تي لت ڏيئي علائقي جو امن بحال ڪرائين۔ اھڙو اظھار علائقي جي پ پ ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي غوثپور شھر جي بابا غريب داس مندر ۾ ھندو برادري جي سڏايل احتجاجي گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي ڪيو۔ ھن چيو ته مان مسلسل ايس پي ڪشمور۔ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي ۽ آ۽ جي سنڌ سان ديوان مغوين واري معاملي تي رابطي ۾ آھيان۔ مون کي پوليس ذريعن ٻڌايو آھي ته اسان ڪچي ۾ واقعي ۾ ملوث ڀيا گينگ خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آھن۔ ھن چيو ته مون بدامني جو آواز ھر فورم تي اٿاريو آھي ڇو ته مان اوھان آڏو جوابده آھيان۔ مير چيو ته مان نوجوانن جي بازيابي تائين اوھانسان ھر ڏک ۽ سک ۾ گڏ آھيان۔ انشاءالله مغوي ٽن ڏينھن اندر بازياب ڪرائي وٺي ايندس۔ مونکي احساس آھي ته مغوين جي گھرن ۾ ڪھرام متل ھوندو۔ مون گھرو وزير سان رابطو ڪري به زور رکيو آ ته معاملي کي جلد حل ڪرائي ۽ ضلعي ڪشمور مان اغوا ٿيل سڀ مغوي واپس اچن۔ ٻئي پاسي مير شبير علي خان سان مغوين جي وارثن روئي ڪري کيس پنھنجا مغوي جلد بازياب ڪرائڻ تي زور ڀريو۔ احتجاجي گڏجاڻي کي مکي سريش لال۔ سيد بشير احمد شاه جيلاني۔ سردا محبوب علي خان بجاراڻي ۔ نارائڻ ناز ۽ ٻين خطاب ڪيو۔۔