ڪشمور رپورٽ: ڊيرا موڙ تي هٿياربندن جي ڦر ۽ فائرنگ، ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو

تفصيل موجب ڪشمور شهر ڀرسان سنڌ پنجاب جي دنگ ڊيرا موڙ وٽ نامعلوم هٿياربندن جو پي سي او تي ڪاھ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پي سي او مالڪ استاد غلام قادر ملڪ ۽ ميوو ملڪ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي زخمين کي فوري طور تي علاج لاءِ ڪشمور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڳتي جوڳي حالت ۾ زخمي ٿيل غلام قادر ملڪ ۽ ميوو خان ملڪ کي پنجاب جي شهر رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻئي پاسي ملڪ برادري جي ماڻهن ڪيس داخل نه ٿيڻ تي پوليس خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي دوران سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي مسافر سخت پريشان رهيا گڊو ٿاڻي جو وڏو منشي احمد نواز عرف سکيو ملڪ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ٻئي پاسي پيش آيل واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،