ڪشمور ضلعي م ڏوھاري ڪچي مان نڪري پڪي م پھچي ويا

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي م ڏوھاري ڪچي مان نڪري پڪي م پھچي ويا ۽ غوثپور شھر م ڪاھي پيا سرعام ھٿيارين جي زور تي مختلف ھنڌن تي ٽي وارداتون لکين روپيا ڦر ڪري آساني سان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا غوثپور شھر ۾ امن امان جي صورتحال خراب چوريون ڦرون ڌاڙا اغوائون روز جو معمول بڻيل پوليس خاموش تماشائي بڻيل شھر اندر ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 هٿياربندن جو ميڊيڪل اسٽورن ۽ ڪريانه اسٽورن تان 2 لک کان وڌيڪ روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار هٿياربندن شهر اندر فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا پوليس غائب رھي شهرين ۽ دوڪاندارن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو۔ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي جي يو آ۽ جي اڳواڻن سعادالله اوڳاھي ۽ ثناء الله اوڳاھي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي دوڪاندارن علي جان ٽانوري۔ خالد ملڪ ۽ مرلي ڌر کي يرغمال بڻائي اڍائي لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هٿياربندن شهر اندر فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا پوليس واقعي واري هنڌ کان غائب رهي مظاهرين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي ۽ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون آھن مسافر سخت پريشان رھيا ان موقعي تي مظاھرين چيو ته غوثپور شھر مان امن جو پکي وري اڏامندو پيو وڃي آفسوس آهي جو مھيني جا 30 ڏينهن ڪا نه ڪا واردات پئي ٿئي ڏوھاري سرعام چئو گرد ولو ڏنيون ويٺا آهن اڳوڻي ايس ايس پي عرفان سمون جي دور کان جو خراب لڳو پيو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ڀوتارن ميرن پيرن کي دانھون ڪري ٿڪجي پياسي ڪو به کڙتيل نه نڪري سگھيو ٽن موٽرسائيڪل سوار ڏوھاري بس اڏي تي فائرنگ ڪري حراس پکڙي ٽن دڪاندارن اڍائي لک روڪ رقم چار موبائيلون فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا پوليس سڏ پنڌ تي ھوندي به مالڪي نه ڪري سگهي آهي