ڪشمور لڳ ارڙي جي وبا بيماري سبب ٻن سالن جو معصوم ٻارڙو فوت ڪيترائي معصوم ٻارڙا ارڙي جي وبا بيماري ۾ ورتل صحت کاتو توڙي ضلعي انتظاميا خاموش بڻيل

تفصيل موجب ڪشمور لڳ يوسي ڪنب ڳوٺ جو سمندر گولو۾ ارڙي جي وبا بيماري کر کنيو وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو عبدالحميد ميرالي جوٻن سالن جو معصوم پٽ عبدالفھيم ميرالي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو ڪيترائي ٻار موذي مرض مبتلا آهن جڏهن ته اهڙو اطلاع تعلقي اسپتال ڪشمور کي ڏنو ويو پر تعلقي اسپتال ڪشمور توڙي ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتو اگھور ننڊ ستل آهن ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ سمندر گولو م ارڙي جي وبا بيماري سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا ورتل آهن اسان تعلقي ڪشمور جي انتظاميا کي اطلاع به ڪيو آهي پر اهي نه آيا آهن هنن صحت کاتو توڙي ضلعي انتظاميا فوري نوٽيس وٺي ارڙي جا ٽيڪا لڳيا وڃن ۽ معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن