ڪشمور مان رات وڌيڪ هڪ ڄڻو اغوا ٿي ويو ڪشمور مزاري ڳوٺ لڳ ڏوهارين جو روڊ تي ڪاھ ڏوهاري ٽرڪ ڊرائيور اشفاق احمد گرگيج کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا واردات واري هنڌ پنجاب جون 2 پڪٽون قائم هجڻ باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي ڏوهاري ٽرڪ ڊرائيور کي اغوا ڪري با آساني فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا ٻئي پاسي ڏوهارين ساڳي ئي رات ڪشمور ويجهو لائن پراڻي لڳ ڪاھ ڪري استاد احمد نور کوسو جو ٽريڪٽر ڪاهي فرار ٿي ويا
ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ڏوهارين ڪشمور نائچ ڳوٺ لڳ مين انڊس هاءِ وي روڊ تي ڪاھ ڪري 9 ٽرڪ ڊرائيورن پڻ اغوا ڪري ويا هئا ٻئي پاسي ڪشمور پوليس دعوا پڻ ڪري رهي آهي ته ڪچي طرف مغوين جي بازيابي لاء آپريشن پڻ جاري آهي آپريشن جي باوجود به ڏوهاري بي لغام بڻيل آهن
ڪشمور ضلعي اندر اغوا ٿي ويل مغوين جي تعداد 16 ويو آهي