ڪشمور مان 2 ڊرائيور اغوا، پوليس مبينا مقابلي بعد ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو

ڪشمور ٿاڻي جي حد ملڪ لاڙو ڀرسان انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي مزدا مٿان فائرنگ ٻن ڊرائيورن کي اغوا ڪري کڻي ويا. اهڙي اطلاع بعد ڪشمور پوليس وڏي نفري ساڻ ڪري ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ويو. ڊي ايس پي محمد صادق اوڍو ۽ ايس ايڇ او پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتا ته لنڊو ٿاڻي جي حد وٽ ڏوهارين سان سخت مقابلو ٿي پيو جنهن کان پوءِ پوليس ٻنهي مغوين رفيق باجڪاڻي ۽ ارشاد باجڪاڻي کي ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ سبب بڪتر بند گاڏي کي پڻ سخت نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف ڪشمور پوليس جو ڌاڙيلن خلاف سرچ آپريشن جاري آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڪشمور محمد صادق اوڍو ٻڌايو ته ملڪ لاڙو ڀرسان انڊس هاءِ وي تي هٿياربند رفيق باجڪاڻي ۽ ارشاد باجڪاڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا. اهڙي اطلاع بعد پوليس پاران ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ويو. پوليس طرفان ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪرڻ کان پوءِ ڏوهاري ٻنهي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. هن چيو ته امن امان جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي.