تفصيل موجب ڪشمور ضلعي جي پوليس امن امان ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا ۽ ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي ڦرلٽ اغوا روز جو معمول بڻيل وڌيڪ 6 ٽرڪ ڊرائيور اغوا 6 سخت زخمي ٿي پيا ڪشمور لڳ نائيچ ڀرسان ملڪ لاڙي وٽ ھٿياربندن ڪشمور روڊن تي نڪري آيا ء ھٿيارين جي زور تي ايندڙ ويندڙ سوين گاڏين ء ٽرڪ ڊرائيورن کان ڦر ڪئي وئي مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن ھٿيارين جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب راشد محمد دانش سرفراز محمد شھزاد خرم شھزاد سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي 6 ٽرڪ ڊرائيورن کي پڻ اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا اغوا ٿيلن م صاحب صدام رشيد ء ٻيا شامل آهن اھڙي واقعي جي اطلاع ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي پوليس ء رينجرز جي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو جن مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري رحيم يار منتقل ڪيو ويو ھوڏانھن ڪشمور پوليس ء رينجرز ھٿياربندن جي پويان ويل آهن ھوڏانھن ٽرڪ ڊرائيورن جي اغوا خلاف ٽرڪ ڊرائيورن روڊ بند ڪري ڇڏيو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ٽرڪ ڊرائيورن ڪشمور کان شڪارپور تائين غير محفوظ آھيون اھو ڏينهن خالي ناهي جو اسان ٽرڪ ڊرائيورن کان ڦرلٽ اغوا روز جو معمول بڻيل آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ٽرڪ ڊرائيورن جي بازيابي تائين اسان روڊ نه کولينداسين روڊ بند ھجڻ ڪري سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون سخت ڪوھيڙو ء ٿڌ سبب مسافر سخت پريشان رھيا ٻئي طرف ڊي آئي جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽس ورتو ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي کي سخت ھدايت ڪندي ٽرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائڻ ء زخمين کي بھترين علاج جي سھولتون ڏنيون وڃن