ڪشمور پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، هڪ ڄڻي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ء بازياب ڪرائي ورتو

ڪشمور پوليس بروقت ڪارروائي ڪري شادي جي نالي تي غوثپور جي ڪچي طرف وڃي رهيو هڪ ڄڻي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتوراڻيپور جي رهواسي اختر علي بروهي جو پٽ محب علي بروهي اغوا ٿيڻ کان بچي ويو آهي غوثپور جي ڪچي ۾ هڪ شخص شاديءَ جي لالچ ۾ وڃي رهيو هو، جنهن کي ٽيڪنيڪل اطلاع تي بازياب ڪرايو ويو آهي ڪشمور پوليس ٽيڪنيڪل اطلاع تي ڪارروائي ڪندي غوثپور ٿاڻي جي حد ۾ پڪي روڊ تي پهچي هڪ ڄڻي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
اغوا کان بچي ويل نوجوان کي باحفاظت وارثن حوالي ڪيو ويو: ايس ايس پي ڪشمور