ڪشمور پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، ڪارروائي دوران ٽن اغوا ٿي ويلن کي بازياب ڪرايو ويو آهي

ڪشمور پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، ڪارروائي دوران ٽن اغوا ٿي ويلن کي بازياب ڪرايو ويو آهي ڌاڙيلن ٽن ڄڻن کي موبائيل فون ذريعي سستي اگهه تي ڪار خريد ڪرڻ لاءِ فون ڪري اغوا ڪري ويا هئا، اڄ ڪشمور پوليس کين بازياب ڪرائي ورتو آهي ڏوهارين جي چنبي مان آزاد ٿيلن ۾ 01: سيد ڪرامت شاهه ولد اصغر شاهه جيڪو گجرات پنجاب جو رهواسي آهي جنھن کي 7 مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو هو 02: محمد ارشد ولد بشير احمد جيڪو منڊي بهاءُالدين ضلعي پنجاب جو رهواسي آهي جنهن کي 8 مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو هو 03: غلام رسول ولد خوش محمد جٽ جيڪو ضلعي وهاري پنجاب جو رهواسي آهي جنھن کي 8 مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو هو گيهل پور ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري 3 ڄڻن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنھن بعد جوابدار ٽن مغوين کي ڇڏي ڪچي طرف فرار ٿي ويا ڪشمور پوليس جو علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن هن وقت تائين جاري آهي ڪشمور: پوليس مغوين کي باحفاظت وارثن حوالي ڪيو ويو