ڪشمور پوليس ۽ رينجرز جو بنگوار گينگ خلاف وڏو آپريشن — چار شڪي جوابدار گرفتار، ٽي ٺڪاڻا ساڙي ناس ڪري ڇڏيا

ضلعو ڪشمور ۾ امن جي بحالي لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون تيز، ڏوهن ۾ ملوث عناصر خلاف ڪارروائيون جاري. ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ جي واضح هدايتن تي ايس پي انويسٽيگيشن محمد مراد گھانگھرو جي اڳواڻي ۾، پوليس، رينجرز، سي آءِ اي، مددگار فائيٽرز، ۽ ريپڊ ريسپانس ٽيمز گڏجي، ٿاڻو بخشاپور جي حدن ۾ بنگوار گينگ خلاف سرچ اينڊ ريڊ آپريشن ڪيو ان آپريشن ۾ چار شڪي ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعوا
ٽي ٺڪاڻا ساڙي مڪمل طور مسمار علائقن جي ڳجهي نگراني ۽ ڳولا جاري ڪاروائي انڊس هاءِ وي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڊڪيتين، قتل ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف عمل ۾ آندي وئي پوليس جو موقف آهي ته اهڙيون ڪاروائيون امن جي بحالي ۽ ڏوهاري نيٽ ورڪ جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون.