ڪشمور ڀرسان پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن جو حملو، فائرنگ، هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 2 زخمي

ڪشمور ڀرسان گيهلپور ٿاڻي جي چند قدمن جي فاصلي تي قائم پوليس پڪٽ مٿان ڌاڙيلن جو حملو فائرنگ ۽ گوليون لڳڻ سبب پوليس اهڪار عبدالعزيز برھماڻي موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو جڏهن ته ٻه اهڪار سخت  زخمي ٿي پيا جنهن بعد هٿياربندن پوليس اهلڪارن جا هٿيار کڻي موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي بعد شهيد اهڪار ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو شهيد اهلڪار عبدالعزيز برهماڻي جو تعلق دادو ضلعي جي ڪڪڙ شهر سان هو هوڏانهن واقعي بعد سموري علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائجي وئي شهيد اهڪار جي جنازي نماز ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي سنڌ رينجرز جي عملدارن ۽ پوليس اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آهي جنازي بعد   شهيد اهڪار جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ دادو ضلعي جي ڪڪڙ روانو ڪيو ويو  اهلڪار جي شهادت جي خبر سندس گهر پهچڻ تي سموري گهر اندر روڄ راڙو مچي ويو. ٻئي طرف ساڳئي رات هٿياربندن بڊاڻي ڀرسان برف جي ڪارخاني مٿان ڪاهه  ڪرڻ بعد روڪ رقم ۽ ڪارخاني جي مستري سراج احمد پنجابي کي اغوا ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ڪشمور ۽ ڀرپاسي اندر ڏوهارين جي وڌندڙ ڪارروائين سبب شهر جون مک بازارون ۽ روڊ رستا پڻ ويراني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ماڻهن ۾ خوف واري صورتحال ڇائجي وئي آهي.