ڪشمور ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻ نريش ڪمار ڪيسواڻي مٿان نامعلوم جوابدارن حملو ڪري ڏنو حملي سبب نريش ڪمار سخت زخمي اسپتال منتقل مليل ڄاڻ موجب هندو پنچائت ڪشمور جي اڳواڻ چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي مٿان اڻڄاتل جوابدارن حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪشمور جي هڪ خانگي اسپتال پهچايو ويو آهي. جتي کيس فوري طبي امداد ڏني پئي وڃي. اکين ڏٺل شاهدن موجب هندو پنچائت ڪشمور جو اڳواڻ چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي پنهنجي گهر جي ٻاهران ويٺل هو ته مٿس ٽن ماڻهن حملو ڪري مرڻينگ ڪرڻ کان پوء فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي ڪشمور جا سوين ماڻهو خانگي اسپتال پھتا ۽ زخمي ھندو پنچائت اڳواڻ چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي جي گهر ٻاهران گڏ ٿي ويا. اطلاغ ملڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نھ پھتي شھرين ۾ مايوسي ڇانيل