ڪنري ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو زميندار جي زرعي زمين تي ڇاپو، 10 هاري بازياب، عدالت ۾ پيش

 ڪنري ۾ عدالتي حڪم تي پوليس زميندار جي زرعي زمين تي ڇاپو، 10 هاري بازياب، عدالت ۾ پيش، عدالت کين مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس زميندار موسيٰ ڪلر جي زرعي زمين تي ڇاپو ھڻي ٻارن ۽ عورتن سميت 10 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ڪرايل هارين کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت هارين کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي،. درخواستگذار رميش ڪولهي ھارين جي بازيابي بابت درخواست داخل ڪرائي هئي ان موقعي تي هارين الزام هڻندي چيو آهي ته زميندار اسان کي حساب ڪاتاب نه ڏيندو هو ۽ سخت پورهيو ڪرايو ويندو  جنهن کان تنگ ٿي اسان عدالت وياسين.