ڪنڌرا پاڪستان پيپلزپارٽي سکر پاران ٽائون ڪنڌرا ۾ رکيل جلسي کي تاريخي ۽ ڪامياب بڻائڻ لاء ٽائون ڪنڌرا جي محنتي ورڪر اڳوڻي پ پ ڪائونسلر محترم ممتاز ملک جي رھائش گاھ تي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڪارنر گڏجاڻي رکي وئي گڏجاڻي ۾ وڏي تعداد ۾ اردو برادري ۽ پ پ پ جيالن شرڪت ڪئي گڏجاڻي ڪارنر ميٽنگ جي اڳواڻي محترم ممتاز ملک ,محترم اعجاز احمد پلھ ,محترم ٻڍل خان چنا ڪنڌرا ٽائون جو محنتي ھارڊ ورڪر پ پ پ جيالو محترم غلام نبي مغل ,ڊاڪٽر عبدالخالق قاضي ڪنڌرا ٽائون جي متحرڪ سياسي شخصيت برک زميندار محترم رئيس عاشق حسين جاگيراڻي پ پ پ ورڪر حاجي سھيل احمد ٻرڙو محترم سيد پرويز حسين شاھ ڪنڌرا ٽائون جو سماج سڌارڪ پ پ پ ورڪر سيٺ انند ڪمار سيٺ گرنو مل ڪنڌرا ھندو پنچائت جو مکي لڌو مل ڪنڌرا ٽائون جو وائيس چيئرمين ڪنعيو مل عرف بھٽو مل ڊاڪٽر لطف الله ڌاريجو پاڪستان پيپلز يوٿھ ونگ ضلع سکر جو ڊپٽ جرنل سيڪريٽري حسن رضا جاگيراڻي محترم اڪبر حسين گھانگھرو ۽ ٻين ڪئي مقررين ڪارنر۔ گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سکر پاران ڪنڌرا ۾ رٿيل جلسي کي ڪامياب ڪنداسين ۽ ھن وقت سڀني ڪارڪنن کي اختلاف وساري ڪري جلسي کي ڪامياب ڪرائينداسين آخر ۾ اڳوڻي ڪائونسلر محترم ممتاز ملک پاران آيل پنهنجي اردو برادري ۽ پ پ پ جيالن جو شڪريو ادا پڻ ڪيو