ڪنڌڪوٽ:سينيئر صحافي غالب بلوچ دماغي فالج جي جهٽڪي سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو

ڪنڌڪوٽ:سينيئر صحافي غالب بلوچ دماغي فالج جي جهٽڪي سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سينيئر صحافي غالب بلوچ کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنڌڪوٽ کان سکر اسپتال منتقل ڪيو جتان هو سکر اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو سينيئر صحافي غالب بلوچ جي جنازه نماز هڪ بجي ڪنڌڪوٽ ۾ جامع دارالفيوض ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز سياسي سماجي توڙي صحافين وڏي انگ م شرڪت ڪئي سينيئر صحافي جي وفات تي صحافتي حلقي ۾ سوڳ ڇانيل سينيئر صحافي غالب بلوچ جي وفات تي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو سينيئر صحافي غالب بلوچ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جو سينيئر ميمبر هو