ڪنڌڪوٽ:ضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بھتري نه آئي عوام بدستور ڏوھارين جي لپيٽ ۾

تفصيل موجب ڪجھ دير پھرين شھر جي مئن انڊس ھا۽ وي ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ تي ٻن موثر سائيڪل تي سوار ٽن اڻ ڄاتل ھٿياربندن ڳوٺ حمل لولئي جي رھواسي عظيم لولئي کان جيڪو غوثپور کان واپس پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھيو ته سندس پيڇو ڪري کانئس موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر جي ڪوشش ڪئي۔ ڀاڳئي پاران مزاحمت تي ڦورن پسٽل جو فائير ڪري کيس گوليون ھنيون جنھن سبب ڳوٺاڻو سخت زخمي ٿي ڪري پيو ته ڦورن وجھ وٺي سندس کان ھزارين روپه روڪ رقم ۔ موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦري فائيرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ اھڙي اطلاع ملڻ تي غوثپور پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي پر ڦورو پوليس جي پھچڻ کان اڳ ئي اونڌاھي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ٻئي پاسي زخمي ٿيل نوجوان کي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جٿي کيس ابتدائي طبي امداد ڏيئي نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال روانو ڪيو ويو