ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ غوثپور ڀرسان جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مقدم عزيز الله خان جعفري ۾ پنجويھن ورھين جي نوجوان شوڪت علي ولد قاسم جعفري گھرو اڻبت تان پاڻ مٿان پسٽل جا فائير ڪري پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو۔ اھڙي واقعي جي اطلاع ملڻ تي جمال پوليس فوتي جو لاش کڻائي ڪرمپور اسپتال آندو جٿي سندس پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ ٻئي پاسي فوتي نوجوان جي اوچتي وڇوڙي جي خبر بعد سندس گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا۔ جڏھين ته پوري ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو۔۔