ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ
غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه آيو۔ پنجن ڪلاڪن اندر ڦر جي ٻي واردات پوليس لا۽ چئلينج بڻجي ويئي۔ ڳوٺ دڙي سندراڻي ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار ٻٽ ٻڌل ٽن اڻ ڄاتل ھٿياربندن غوثپور جي ٻن ھندو واپارين سنديپ ڪمار ۽ آڪاش سوناري کي ھٿيارن جي زور تي روڪي کانئن ٻھ لک پنڌرھن ھزار روڪ رقم ۽ ٻھ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ اھڙي اطلاع ملڻ تي غوثپور پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي پر ڏوھاري پوليس جي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ٻئي پاسي ڦر ٿيل واپارين سنديپ ڪمار ۽ آڪاش ڪمار پريس ڪلب ٻاھران احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ کان واپس غوثپور اچون پيا ته ڳوٺ دڙي سندراڻي ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ڦورن ھٿيارن جي زور تي گاڏي بيھاري مارڪٽ ڪئي ۽ سوا ٻھ لک روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم موٽائي ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي