ڪنڌڪوٽ:پوليو ورڪرن سان ناانصافي خلاف ستن يوسين ۾ بائيڪاٽ جو اعلان غوثپور ٽي ڏينھن اڳ لنڪ روڊ تنگواني واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ٽن پوليو ورڪرن منصب نصيراڻي۔ محراب ٻپڙ ۽ ڀائي خان نندواڻي کي يرغمال ڪري کانئن ھزارين روپيه روڪ رقم ۽ چار موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا جنھن واقعي خلاف اڄ پوليو جي ورڪرن پوليو مھم جي انچارج سيد نظير شاھ جي اڳواڻي ۾ ببي ايڇ يو دڙي اسپتال ۾ احتجاج ڪندي پوليو مھم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو۔ دنياپور ۔جمال ۔تنگواني ۔ڪرمپور۔ للئو سميت ستن يوسيز ۾ پوليو ورڪرن بائيڪاٽ ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته اسان جي پوليو ورڪرن کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان جلد کان جلد واپس ڪرايو وڃي ۔پوليو ورڪرن ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ۽ ڊي سي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته اسان پوليو ورڪرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيستائين ڦر ٿيل سامان واپس نه ٿيندو تيستائين ته پوليو مهم جو احتجاج جاري رهندو