تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ عام چونڊن ۾ فارم جمع ڪرائڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو اڳوڻو ايم پي اي پيپلزپارٽي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي، اڳوڻو ايم پي اي ۽ اڳوڻو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي اڳوڻو صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ بجاراڻي سندراڻي خاندان جي فردن سميت حامين جي وڏي انگ ۾ دھل دمامن سان آر او آفيس پھچي ڪري پي ايس پنج ڪنڌ ڪوٽ تي چار ڀيرو ايم پي اي رھندڙ چيف سردار مير عابد خان سندراڻي فارم جمع ڪرايو، پي ايس ڇھ تنگواڻي تي سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي فارم جمع ڪرايو انھي موقعي تي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته مخالف اميدوار جيڪڏهن جي يو آءِ جو راشد محمود سومرو اچي ته مزو ٿيندو اسين عوام جي خدمت ڪئي آهي عوام جو ساٿ اسان سان گڏ آهي اڳوڻو صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منهنجو مقابلو اين اي 192 تي جتوئي خاندان سان آهي بجاراڻي خاندان سياست ذريعي ھميشا عوام جي خدمت ڪئي آهي ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل، ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور سميت ڪيترائي وڏا منصوبا ڏنا آهن اين اي 191 تي اڳوڻو ايم اين اي مير احسان الرحمان خان مزاري، اڳوڻو ايم پي اي ڪشمور حاجي عبدالرؤف کوسو، چيف سردار مير عابد خان سندراڻي، شاھزين خان بجاراڻي، غزین خان بجاراڻي، ڊاڪٽر اقرار جکراڻي، حافظ نصر اللّٰه چنہ، سينئر گل محمد خان جکراڻي سميت 25 اميدوار آر او آفيس اچي فارم جمع ڪرايا پي ايس چار ڪشمور تي سردار سليم جان خان مزاري، غالب حسين ڊومڪي، شاھہ علي ڊومڪي، علي جان مزاري، حاجي عبدالرؤف کوسو، اصغر خان چاچڙ سميت 33 اميدوارن فارم جمع ڪرائي ورتا پي ايس پنج تي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي، مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، حافظ ربنواز چاچڙ، سردار تيغو خان تيغاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي سميت 19 ڄڻن فارم جمع ٿيا پي ايس ڇھ تي سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي، مير شبير علي خان بجاراڻي، عبدالقيوم ھاليجوي، عمران تيغاڻي، سميت 13 ڄڻن فارم جمع ڪرايا،