ڪنڌڪوٽ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي 4 ڏينهن اڳ تنگواڻي ٿاڻي جي حد حبيب الله باجڪاڻي لاڙو ويجھو نامعلوم هٿياربندن جي ھٿان

ڪنڌڪوٽ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي 4 ڏينهن اڳ تنگواڻي ٿاڻي جي حد حبيب الله باجڪاڻي لاڙو ويجھو نامعلوم هٿياربندن جي ھٿان شھيد ٿي ويل نيگر جميل احمد عرف علي لاشاري جي وارثن سان تعزيت لاء لاشاري ھائوس تي پھتوڪنڌڪوٽ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي سان تعزيت لاء گڏ سردار محبوب علي بجاراڻي مير شاھزين خان بجاراڻي فتح محمد خان بجاراڻي شاھنواز خان بجاراڻي مير زرياب خان بجاراڻي حيدر علي خان بجاراڻي جن رئيس لعل بخش لاشاري، مقدم غلام ياسين لاشاري، رحمت الله لاشاري ۽ شھيد ٿي ويل نيگر جميل احمد عرف علي لاشاري جي سندن والد الطاف حسين لاشاري صحافي عرفان علي لاشاري عباس علي لاشاري، ۽ آصف علي لاشاري سان پڻ تعزيت ڪئي
ڪنڌڪوٽ ان سلسلي ۾ ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد ٿي ويل نيگر جميل احمد عرف علي لاشاري جي خون سان انصاف ڪيو ويندو شھيد ٿي ويل جميل احمد لاشاري جي شھادت ۾ ملوث ڏوھارين جي خلاف پوليس جو آپريشن جاري آهي مان ڊي آء جي لاڙڪاڻو نصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي بشير احمد بروهي سان رابطي ۾ آهيان ملوث ڏوھارين کي پنھنجي ڪيفر ڪردار تائين ضرور پھچايو ويندو، ضلعي ڪشمور م امن امان جي صورتحال ڪافي خراب آھي شھرين ۾ بيچيني پکڙيل آھي تمام جلد شھر ۾ امن امان بحال ڪرائي شھر واسين کي مڪمل امان بحال ڪرايو ويندو، ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي جون ميڊيا سان ڳالهيون