ڪنڌڪوٽ برف خاني ۾ امونيا گيس جو سلينڊر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي ڪري گيس ليڪيج ٿي وئي

خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر جي عيد گاھه پاڙي ۾ امونيا گيس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب زھريلو گيس خارج ٿيڻ ڪري پوري علائقي ۾ پکيڙجي ويو جنھن ڪري مرد، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا بيھوش ٿي ويا بيھوش ٿي ويلن ۾ راحب ميراڻي، محمد عامر، اسلم، اصغر، راجا، آفتاب، محمد اسحاق، ثناء اللّٰه ، سلیمان، ممتاز ملڪ، عبدالحق ڀٽو، محمد عثمان، رحمت خاتون، فرزانه خاتون ۽ ٻيا شامل آھن واقعي بعد ڊپٽي ڪمشنر امير فضل اويسي اسپتال پھچي ايمرجنسي لاڳو ڪئي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ريسڪيو ٽيمون پھچي ڪري بيھوش ٿي ويل سمورن ڄڻن کي اسپتال پھچايو بيھوش ٿي ويلن مان 4 ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري انھن کي وڌيڪ علاج لاءِ سکر اماڻيو ويو،