ڪنڌڪوٽ: بڊاڻي مان رات ديرسان سان چوري جون ٻھ وارداتون مياڻي پوليس اگهور ننڊ ستل بڊاڻي ۾ رات ديرسان نامعلوم چورن شھر جي مين بازار مان ذولفقار علي ڇڄڻ جي دڪان جا تالا ڪٽي دڪان اندر پيل ٻھ بينٽريون 60 جوڙا ڪپڙن جا چور کڻي فرار ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ :ڊاڻي مان رات ديرسان سان چوري جون ٻھ وارداتون مياڻي پوليس اگهور ننڊ ستل بڊاڻي ۾ رات ديرسان نامعلوم چورن شھر جي مين بازار مان ذولفقار علي ڇڄڻ جي دڪان جا تالا ڪٽي دڪان اندر پيل ٻھ بينٽريون 60 جوڙا ڪپڙن جا چور کڻي فرار ٿي ويا هوڏانهن ڳوٺ محمد عمر ڀٽو ۾ چورن گلابو ماڙوائي جي گهر جي در جا تالا ڪٽي گهر ۾ بيٺل هڪ ڀلوڙ مينهن چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا مياڻي پوليس اگهور ننڊ ستل اهڙي اطلاع بعد حد جي مياڻي پوليس جاء واردات ڏسي واپس هلي وئي ھوڏانهن ذولفقار علي ڇڄڻ ۽ گلابو ماڙوائي جو چوڻ آھي ته چورن شھر ۾ باه ٻاري ڏني آھي هر رات شھر مان چوري جون وارداتون ٿين پيون رات چور اسان جي به چوري ڪري ويا آھن هنن ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو ته چورن خلاف ڪاروائي ڪري اسانکي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي