ڪنڌڪوٽ : تنگواڻي لڳ پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل رڪشا ڊرائيور صدام لاشاري جي ڪيس ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعي جي حدبندي تڪرار سبب پوليس ڪو ٻوٽو نه ٻاريو

ڪنڌڪوٽ:تنگواڻي لڳ پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل رڪشا ڊرائيور صدام لاشاري جي ڪيس ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعي جي حدبندي تڪرار سبب پوليس ڪو ٻوٽو نه ٻاريو,نوجوان جي بازابي لاء وارثن ڪتاب کڻي فرمان معصوم ٻارڙن سان گڏ لاشاري,شهزادو, عمران,ظفرالله لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته اسان مسڪين آهيون اسان نوجوان کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي اسان کان فرياد به وٺڻ کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو,اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان نوجوان کي بازياب ڪرائي اسان انصاف ڪيو وڃي