ڪنڌڪوٽ : جمال ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي م پوليس جي ڪامياب آپريشن مھينو اڳ اغوا ٿيل 2 نوجوان بازياب ايس ايس پي بشير احمد بروهي

ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري مختلف علائقن ۾ روپوش جوابدارن ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس رينجرز جي گڏيل آپريشن ھلندڙ جمال ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آپريشن ۾ چار اي پي سي چين چار بڪتربند 15 کان وڌيڪ پوليس موبائيل 400، کان وڌيڪ پوليس رينجرز جا جوان حصو وٺي رهيا آهن آپريشن جي نگراني ايس ايس پي بشير احمد بروهي ڪري رهيو آهي آپريشن دوران ڌاڙيلن جو پوليس مٿان جديد ترين ھٿيارن سان فائرنگ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري پنهنجا گهر خالي ڪري مھينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان غلام رسول بکراڻي منصور احمد پٺاڻ کي ڇڏي ڪچي طرف فائرنگ ڪندي فرار وڌيڪ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس رينجرز جي گڏيل آپريشن جاري ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي روزاني ارادو اخبار جي رپورٽر سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين روپوش جوابدارن مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس رينجرز جي گڏيل آپريشن جاري آهي ڏوھارين جي خاتمي تائين ڀڪي ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن جاري رهندو ڏوھارين سان ڪنهن به قسم جي ڊيل نه ڪئي ويندي ڏوھاري قسم جي ماڻهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي آپريشن ان وقت تائين جاري رکيو ويندو جيستائين تائين ڏوھارين جو خاتمو نه آندو ويندو پوليس جا بھادر جوان پنهنجي بھادري جو مظاهرو ڪندي ھن سرد موسم ۾ ڏينهن رات ڪچي واري علائقي ۾ روپوش جوابدارن مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جنهن کي سلام پيش ڪجي ٿو مون کي يقين آهي انشاء الله اسان کي آپريشن ۾ ڪاميابي ملندي