غوثپور شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ دڙي سندراڻي واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ٻٽ ٻڌل ھٿياربندن ڏوھارين جي ڪنڌڪوٽ جي واپاري غلام شبير بنگوار کان موٽر سائيڪل ۽ پئسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي۔ واپاري پاران مزاحمت تي ھٿياربندن کيس پيرن ۾ گوليون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو۔ ھٿياربند ڦورو کيس زخمي ڪري ڪيرائي کانئس ھزارين روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ واقعي جي اطلاع بعد ايس ايڇ او غوثپور پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي اري ھنڌ پھچي متاثرواپاري کان تفصيل معلوم ڪري ڦورن جو پيڇو ڪيو پر اھي پوليس جي پھچڻ کان اڳ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ اھڙي واقعي بعد متاثرن ۽ ڳوٺاڻن مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ دڙي سندراڻي ڀرسان ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ روڊ بلاڪ ٿيڻ سان پنجاب کان سنڌ طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي۔ پوليس پاران ڳوٺاڻي کي خاطري ڪرائڻ کانپو۽ ھڪ ڪلاڪ بعد روڊ کوليو ويو۔